خليل کوسو

خليل کوسو

خليل کوسو

خليل کوسو: اديب، عالم ۽ مزاحمتي شاعر خليل احمد ولد محمد اسماعيل کوسي جو جنم 10 آڪٽوبر 1967ع تي ڳوٺ حاجي علي محمد کوسي لڳ مسڻ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ ٿيو. قرآن پاڪ جي تعليم ڳوٺ قاضي نور محمد لغاري (دوآٻي قاسم حيدرآباد) ۾ حافظ محمد خان سومري وٽان حاصل ڪيائين ۽ پرائمري پنج درجا مسلم پرائمري اسڪول مسڻ ۾ پڙهيو، ان کان پوءِ مدرسة دارا الهديٰ مسڻ ۾ مشهور عالم دين مولانا عبدالڪريم لغاريءَ وٽان ’پهلي فارسي‘، ’ڪريما نامه حق‘، ’پندنامه‘، ’گلستان‘ ۽ ’بوستان‘ جا ڪتاب پڙهيو، بعد ۾ مدرسه دارالقرآن، قريشي محلي ٽنڊي غلام عليءَ نامياري عالم دين مولانا محمد اسماعيل پنهور وٽ عربيءَ جا شروعاتي ڪتاب پڙهيو. ان مدرسي ۾ مفتي محمد صادق سومرو (جنهاڻ) ۽ مولانا محمد عيسيٰ سمو سندس استاد رهيا. ڪجهه وقت مدرسه رياض العلوم (حيدرآباد ميرپورخاص روڊ) ۾ مولانا محمد علي پنهور (ميهڙ) وٽ به عربي ڪتاب پڙهيو، بعد ۾ مولوي فاضل عربي ۽ مئٽرڪ جو امتحان ڏنائين. 1995ع ۾ عربيءَ جو استاد مقرر ٿيو ۽ هن وقت هاءِ اسڪول شاديون ولهار ٽنڊي الهيار ۾ ملازمت ڪري رهيو آهي. شاعريءَ ۾ سندس استاد مولانا عبدالڪريم لغاري آهي ۽ شاعريءَ ۾ کيس سيد غلام قادر شاهه رضوي نصرپوري اوارڊ به ملي چڪو آهي. خليل احمد کوسي تاريخ ۽ تحقيق سان وڏي دلچسپي سندس ڪتاب ’ضلعي ٽنڊي الهيار جا تاريخي ماڳ مڪان‘ ضلعي حڪومت ڇپائي رهي آهي. ان کان سواءِ سندس تحقيقي ’سنڌ جا ٽنڊا‘، ’خيالات خليل‘ ۽ ’ولهار جو وتايو‘ ڇپائيءَ هيٺ آهي. سنڌي لئنگئيج اٿاٽيءَ جي انسائيڪلو پيڊيا اسڪيم لاءِ سنڌ جي ’ٽنڊن‘ جو مهيا ڪيل مواد هن جو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.10.10  عيسوي

اديب، عالم ۽ مزاحمتي شاعر خليل احمد ولد محمد اسماعيل کوسي جو جنم 10 آڪٽوبر 1967ع تي ڳوٺ حاجي علي محمد کوسي لڳ مسڻ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام کنگهار (پهريون)
پير پرڏيهي
پلي درويش
اي آرملڪ ڊاڪٽر
ٻاٻيهو
بولچند
راجا بل عرف ابن سومرو
رازي فخرالدين
حاجي غلام حسين ڊاڪٽر
راورٽي ميجر هينري جارج
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون